امير ( فلم )

امير (فلم ):لسٻيله فلمز جي پيشڪش ۾ هيءَ سنڌي فلم 25 مارچ 1983ع تي رليز ٿي. فلم جو هدايتڪار رابرٽ ملڪ، هدايتڪار شڪيل لاسي ۽ موسيقار غلام علي هو. فلم ۾ ريٽا، شهلا قريشي، فاروق سر، لطيف منو، ياسمين، امين مغل، چاندني، احمد علي، ملڪ انوکي ۽ محمود لاسي اداڪار هئا. هيءَ فلم محفل سئنيما ڪراچي، راحت سئنيما ڪراچي، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، حفيظ سئنيما سکر، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو